اين اي 128 جي سيٽ کٽي نواز شريف کي تحفي ۾ ڏيندس: عون چوڌري

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 128 لاهور مان استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ ن ليگ جي گڏيل اميدوار عون چوڌري چيو آهي ته ان تڪ تان سيٽ کٽي نواز شريف کي تحفي ۾ ڏيندس.
ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي عون چوڌري چيو ته نواز شريف جي اعتماد تي سندس ٿورائتو آهيان، ن ليگ گذريل 10 سالن کان اين اي 128 جي سيٽ هارائي رهي آهي.
هن چيو ته 2018 کان 2022 تائين پاڪستان سان جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو وڏو شرمناڪ هو، مان اڳوڻي جماعت سان گڏجي رات ڏينهن ڪم ڪيو، ان مقصد لاءِ ڪم ڪيو ته شايد اها پاڪستان جي ترقي جي جدوجهد ٿي رهي آهي پر تڪليف ان وقت ٿي جڏهن خبر پئي ته اها پنهنجي ذات لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.