پشاور جي نجي اسپتال ۾ باهه لڳي وئي، 3 ڄڻا زخمي

پشاور (ويب ڊيسڪ) جي ٽي روڊ تي ليڊي ريڊنگ اسپتال ڀرسان نجي اسپتال ۾ باهه لڳي وئي.
ريسڪيو ذريعن موجب باهه اسپتال جي ٽين ۽ چوٿين ماڙ تي لڳي، جنهن تي جلد ضابطو آندو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپتال اندر ڦاٿل 13 ڄڻن کي حفاظت سان ڪڍيو ويو، جڏهن ته 3 زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.