هيملٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ قومي ٽيم جي نائب ڪپتان محمد رضوان وڏو اعزاز ماڻي ورتو.
وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ 77 ڇڪا هڻندڙ بيٽر بڻجي ويو آهي.
هيملٽن ۾ نيوزيلينڊ خلاف ٻي ميچ ۾ هو 5 بالن تي هڪ ڇڪي جي مدد سان رڳو 7 رنسون ٺاهي سگهيو پر هن سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻڻ جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
پاڪستان لاءِ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪن جي فهرست ۾ ٻئي نمبر تي محمد حفيظ، ٽئين نمبر تي شاهد آفريدي، چوٿين نمبر تي شعيب ملڪ، پنجين نمبر تي بابر اعظم ۽ عمر اڪمل موجود آهن.
🚨 RECORD ALERT @iMRizwanPak is now the leading six-hitter for 🇵🇰 in T20Is 💪#NZvPAK | #BackTheBoysInGreen pic.twitter.com/9e71hOuqTj
— Pakistan Cricket (@TheRealPCB) January 14, 2024