محمد رضوان، حفيظ، آفريدي ۽ ملڪ کان اڳتي نڪري ويو

آڪلينڊ ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نائب ڪپتان محمد رضوان انوکو ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو.

پاڪستان ٽيم جي نائب ڪپتان محمد رضوان اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ ۽ شاهد آفريدي کي پوتئي ڇڏيندي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ پاڪستان لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽر جو اعزاز ماڻي ورتو آهي.

ڪيويز خلاف محمد رضوان 14 بالن تي ٻن چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان 25 رنسن جي اننگز کيڏي.

پاڪستان لاءِ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽرن جي فهرست ۾ محمد حفيظ جي ٻي، شاهد آفريدي ٽين، شعيب ملڪ جي چوٿين ۽ عمر اڪمل جي پنجين پوزيشن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.