نون ليگ طلال چوڌري بدران پي ٽي آءِ جي باغي ميمبر کي ٽڪيٽ ڏئي ڇڏي!

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ نون قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 96 فيصل آباد لاءِ اميدوار جو اعلان ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 96 فيصل آباد ۾ نون ليگ اڳواڻ طلال چوڌري کي پارٽي ٽڪيٽ نه ملي سگهي.
پارٽي نوٽيفڪيشن موجب، نون ليگ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 96 لاءِ پي ٽي آءِ جي باغي ميمبر نواب شيرو سير کي ٽڪيٽ جاري ڪئي آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اين اي 96 تان نون ليگ اڳواڻ طلال چوڌري نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا جيڪي منظور پڻ ٿي ويا هئا.
نون ليگ دانيال عزيز کي به ٽڪيٽ ناهي ڏني جنهن کانپوءِ هن آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.