ملازمت جي ڳولا هر شخص کي رهندي آهي ۽ هر ڪو پنهنجي هنر، صلاحيت ۽ تعليم موجب ملازمت ڪندو آهي پر دنيا ۾ ڪجهه ملازمتن کي خطرناڪ به قرار ڏنو ويو آهي.
اڄ اسان اوهان کي ڪجهه اهڙيون ملازمتون ٻڌايون پيا جيڪي خطرناڪ هجڻ سان گڏوگڏ ڪڏهن ڪڏهن جاني نقصان جو سبب به بڻبيون آهن.
ڳري مشينري سان ڪم ڪندڙ ملازم
هيوي مشينري سان ڪم ڪندڙ ماڻهن جي ملازمت کي دنيا جي خطرناڪ ترين ملازمتن ۾ شامل ڪيو ويو آهي ڇو جو ان ملازمت ۾ ننڍي لاپرواهي به جاني نقصان جو سبب بڻجي سگھي ٿي.
آمريڪا جي بيورو آف ليبر اسٽيٽسٽڪٽ پاران ٻڌايو ويو آهي ته ان ملازمت دوران هر سال هڪ لک مان 8هزار ملازم زخمي ٿيندا آهن.
ماهيگيري
ماهي گيري سان سلهاڙيل ماڻهو پنهنجي پيٽ مڇيءَ جي شڪار سان ڀريندا آهن جن کي خراب موسم باوجود پنهنجون حياتيون خطري ۾ وجهڻيون پونديون آهن.
انٽرنيشنل ليبر آرگنائزيشن جي اڪو پيشنل سيفي ايند هيلٿ برانچ پاران اهو اندازو لڳايو ويو آهي سڄي دنيا ۾ هر سال ماهيگيري ۾ 24 هزار ماڻهو فوت ٿي ويندا آهن.
اڏاوتي ڪم ڪندڙ پورهيت
اونچائي، ڳري مشينري ۽ هاڃيڪار مواد مزدورن جي حياتين لاءِ خطرناڪ آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته آمريڪا جي ان انڊسٽري ۾ اونچائي کان ڪِرڻ ۽ تِرڪڻ سان 45 سيڪڙو کان وڏيڪ ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن.
ٽرڪ ڊرائيور ٽرڪ ڊرائيورن جي ملازمت کي به دنيا جي خطرناڪ ملازمتن ۾ شامل ڪيو ويو آهي ڇو جو هاءِ ويز تي ڪلاڪن جي ڊرائيونگ ڊرائيور جي ٿَڪَ ۽ ننڊ جي کوٽ جو سبب بڻبي آهي جنهن سان حادثا به پيش ايندا آهن.
بجلي جو ڪم ڪندڙ ملازم
بجليءَ جي هاءِ وولٽيج لائين تي ڪم ڪرڻ پنهنجي حياتي کي تِري تي رکڻ آهي ڇو جو ننڍي غلطي سڌي موت جو سبب بڻجي سگھي ٿي.
آمريڪا جي نيشنلو لائين مين سروي ۽ يوٽيلٽي ڪمپني جي انگن اکرن موجب آمريڪا ۾ هر سال هڪ لک مان 42 ملازم دنيا ڇڏين وڃن ٿا.