ممبئي: (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ نائين ڪلاس جي 14 ورهين جي شاگردياڻي ٻار کي جنم ڏنو آهي. ماءُ ۽ ٻارڙا محفوظ آهن پر هاسٽل وارڊن کي معطل ڪيو ويو آهي.
ڪرناٽڪا جي ڏاکڻي علائقي چڪا بالاپور ۾ وارڊن کي معطل ڪرڻ بعد ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.
هاسٽل جي سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا وٺندڙ شاگردياڻي اڪثر غير حاضر رهندي هئي ۽ شهر ۾ ڪنهن مائٽ وٽ ويندي هئي.
گذريل آگسٽ ۾ ڇوڪري جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو پر پوءِ به حمل جو پتو نه پيو ۽ نه ئي معاملو دٻايو ويو.
هاسٽل جي جوائنٽ ڊائريڪٽر ڪرشنپا، چيو ته ڇوڪري اڪثر ڪلاس مان غير حاضر هوندي هئي. اهو معاملو تڏهن سامهون آيو جڏهن هن کي پيٽ ۾ تڪليف ٿي ۽ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته سندس والدين کيس اسپتال وٺي ويا، جتي اسڪين ڪرڻ بعد ڊاڪٽرن ٻڌايو ته هوءَ ڳورهاري ٿي چڪي آهي.
ڇوڪريءَ جو اسڪول ۾ ڏهين ڪلاس جي هڪ نوجوان سان لاڳاپو هو. پوليس کيس ڳولي رهي هئي.
ڇوڪري کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ۽ طبي معائنو ۽ ضروري ٽيسٽن بعد سندس 9 جنوري تي ڊليوري ٿي.
هڪ سينئر پوليس آفيسر چيو ته ڇوڪري جو وزن گهٽ هو پر هن جي حالت ۽ سندس ٻار ٺيڪ آهن.