لاهور ( ويب ڊيسڪ ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فرخ حبيب عام چونڊن تان هٿ کڻي ورتو.
ذريعن موجب، سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ٿيڻ سبب فرخ حبيب سمورن تڪن تان نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا.
فرخ حبيب اين اي 101، اين اي 102 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا جڏهن ته هن صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي پي 114 ۽ پي پي 115 تان به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.
واضح رهي ته فرخ حبيب 2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي ڪاميابي ماڻي هئي ۽ مملڪتي وزير پڻ رهيو هو.
Prev Post
You might also like