نئون ديرو (ويب ڊيسڪ) نئون ديرو ڀرسان ايمولينس ۽ مزدا ۾ٽڪر جي نتيجي ۾ نينگري فوت ۽ ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا.
سکر کان لاڙڪاڻي مريض کڻي ويندڙ ايمبولنس جو سامهون ايندڙ مزدا سان ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ نينگري اويسا فوت ٿي وئي، جڏهن ته منير جتوئي، بگن، عبدالله، مسمات ماجده، خانل ۽ بادشاه زادي زخمي ٿيا.
فوتي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال نيو ويو،زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.