جيڪب آباد: ٻن ڪارن ۾ ٽڪر، 10 ڄڻا زخمي

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد ويجهو ڪوھيڙ سبب ٻن ڪارن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ سھڻو خان رند لڳ ڪوھيڙي سبب ٻن ڪارن ۾ ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمين ۾ دريا خان، حاجي نصير، زر خاتون، ڪامران عارف ايسراڻي، لال بي بي، ثناء، سميرا، محمد حسين رند ۽ ٻيا شامل آهن.

زخمين ٻڌايو ته اوسته محمد کان جيڪب آباد اچي رھيا ھئا ته حادثو پيش آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.