سرحد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ سردار علي گوهر مهر ۽ علي نواز مهر سرحد ويجهو جي فتح پور پهتا، جتي احسان خان سندراڻي ۽ حمزهه خان سندراڻي علي نواز خان مهر جي حق ۾ پي ايس 21 تي اليڪشن ۾ مقابلي تان هٿ کڻي ويا.
سردار علي گوهرخان مهر ۽ علي نواز خان مهر اتحادين کي ساڻ ڪري فتح پور سندراڻي هائوس پهتا، سردار علي گوهرمهر ۽ علي نواز مهر مير احسان سندراڻي ۽ حمزهه خان سندراڻي سان ملاقات ڪئي.
پ پ اڳواڻن مير احسان سندراڻي ۽ حمزهه خان سندراڻي علي گوهر خان مهر ۽ علي نواز خان مهر جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ نامزدگي ڪاغذ به واپس وٺندا.
علي گوهر خان مهر جو چوڻ هو ته پ پ سنڌ ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي، ملڪ مان وڏي اڪثريت ۾ پ پ ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ ايندڙ وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو.
مير احسان خان سندراڻي جو چوڻ هو ته پ پ قيادت جي هدايتن علي گوهر خان مهر ۽ علي نواز خان مهر جي هلي اچڻ تي سندن حمايت ڪريون ٿا مقابلي تان به هٿ کڻڻ جو اعلان ڪريون ٿا.