مهوش حيات زندهه دل آهي: هني سنگهه

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي ميوزڪ ريپر يويو هني سنگهه ۽ پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات جي ملاقات جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
هني سنگهه پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي مهوش حيات سان گڏ پنهنجي تصوير پوسٽ ڪئي جنهن ۾ ٻنهي فنڪارن کي گڏ ڏسي سگھجي.
ڀارتي ريپر تصوير پوسٽ ڪندي چيو ته مهوش حيات زندهه دل عورت آهي.
يويو هني سنگهه جي پوسٽ تي تبصرو ڪندي مهوش حيات چيو ته مون کي اوهان ملي تمام گھڻي خوشي ٿي.
مهوش حيات ۽ يويو هني سنگهه جي تصوير جتي سوشل ميڊيا تي مداحن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ته اتي ئي مداحن اداڪارا کان سوال ڪيو ته هوءَ ڀارتي ريپر سان گڏ ڪهڙي پراجيڪٽ ۾ نظر ايندي؟
مداح جي سوال جي جواب ۾ مهوش حيات چيو ته اوهان اِهو سوال يويو هني سنگهه کان ئي پڇي وٺو، ڏسون ٿا ته اُهو ان تي ڇا ٿو چوي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Yo Yo Honey Singh (@yoyohoneysingh)

مهوش حيات جي جواب تي رد عمل ڏيندي يويو هني سنگهه اداڪارا کان پڇيو ته ڇا واقعي ٻڌائي ڇڏيا؟.
ٻي پاسي سوشل ميڊيا تي واهپيدارن پاران اهو به اندازو لڳايو پيو وڃي ته متان يويو هني سنگهه جو زندهه دل جي عنوان سان نئون گيت اچڻ وارو هجي جنهن ۾ مهوش حيات اداڪارا طور نظر ايندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.