شهيد حڪيم محمد سعيد ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ زبردست مقابلا، رانديگرن ۾ انعام ورهايا ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) همدرد پاڪستان جي باني ۽ ملڪ ۽ قوم جي ناليواري سماجي اڳواڻ ۽ مدبر شهيد حڪيم محمد سعيد جي جنم ڏينهن 9 جنوري جي مناسبت سان سندس ياد ۾ همدرد پاڪستان طرفان يو بي ايل اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ ٻن ڏينهن جي حڪيم محمد سعيد (شهيد پاڪستان) همدرد پريميئر ليگ 24 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي.
ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ همدرد پاڪستان جي مختلف شعبن ۽ ذيلي ادارن جي 10 ٽيمن حصو ورتو، فائنل ۾ مارڪيٽنگ ڊويزن جي ٽيم ٽائيگرز جو مقابلو انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊويزن جي ٽيم ايگلز سان ٿيو، جنهن ۾ ٽائيگرز شاندار راند جو مظاهرو ڪندي ايگلز کي هڪ طرفي مقابلي ۾ شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ميچ ۾ پهريان بيٽنگ ڪندي ٽائيگرز 4 وڪيٽن جي نقصان تي 77 رنسون ٺاهيون، مارڪيٽنگ طرفان مارڪيٽنگ آفيسر باسط رشيد شاندار بيٽگ ڪندي 12 بالن تي 42 رنسون ٺاهيون ۽ فائنل جي بهترين رانديگر جي ٽرافي حاصل ڪئي، جواب ۾ ايگلز جي ٽيم 6 اوورن ۾ رڳو 32 رنسون ٺاهي سگهي.
ٽورنامينٽ جي خاص مهمان همدرد پاڪستان جي چيف متوليه محترمه سعديه راشد هئي، جنهن فاتح ٽيم جي ڪپتان شهريار پاشا (هيڊ اوف مارڪيٽنگ) کي فاتح ٽرافي ڏني.
مارڪيٽنگ جي احسن رانا ٽورنامينٽ جي بهترين رانديگر جو اعزاز ماڻيو، انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊويزن جي ٽيم ايگلز جي ابراهيم احمد ٽورنامينٽ جي بهترين بالر جو اعزاز حاصل ڪيو.
پڄاڻي جي تقريب تي رانديگرن جو حوصلا افزائي لاءِ همدرد پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فاطمه منير احمد به شريڪ ٿي ۽ محترمه سعديه راشد سان گڏ انعام ورهايا.
ٽورنامينٽ ۾ انفرادي سطح تي ڪيترن ئي ڪارڪنن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.