صدر عارف علوي، مظاهر نقوي جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي.
جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ درخواست داخل هئي ۽ سندس خلاف اڄ ٻڌڻي ٿيڻي هئي، سندس خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مس ڪنڊيڪٽ جي ڪارروائي هلندڙ آهي.
گذريل ڏينهن جسٽس مظاهر نقوي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي نوٽيس تي تفصيلي جواب پڻ جمع ڪرايو هو جنهن ۾ هن پاڻ مٿان مڙهيل الزامن جي ترديد ڪندي چيو هو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل جج جي خلاف معلومات وٺي سگهي ٿي پر ڪائونسل جج جي خلاف ڪنهن شڪايت تي ڪارروائي نٿي ڪري سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.