عظيم برازيلين فٽبالر رونالڊينو جو ڪوهلي کي سڃاڻڻ کان انڪار، وڊيو وائرل

برازيل جي اسٽار فٽبالر رونالڊينو ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سوشل ميڊيا فالوورز رکندڙ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
گوگل تي سڀ کان وڌيڪ سرچ ٿيندڙ ڪرڪيٽرن جي فهرست ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي سرِ فهرست آهي جڏهن ته سوشل ميڊيا تي سندس فالوورز جو انگ ڪيئي عظيم ڪرڪيٽرز کان وڌيڪ آهي.
مشهور يوٽيوبر اسپيڊ جي ايڪس تي پوسٽ ڪيل وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو برازيل جي اسٽار فٽبالر رونالڊينو کان ويرات ڪوهلي بابت سوال ڪندي نظر اچي رهيو آهي.
يوٽيوبر، رونالڊينو کان سوال ڪيو ته اوهان ويرات ڪوهلي کي ڄاڻو ٿا؟ جنهن تي فٽبالر نه ۾ جواب ڏنو.


اسپيڊ بيهر سوال ورجايو ۽ چيو ته ڪوهلي هڪ ڪرڪيٽر آهي ڇا اوهان کيس نٿا سڃاڻو؟ جنهن تي رونالڊينو جواب ڏنو ته هو هتي گهڻو مقبول ناهي!.
يوٽيوبر پاران تصويرن ڏيکارڻ تي رونالڊينو ڪوهلي کي سڃاتو ۽ چيو ته هو بابر اعظم جهڙو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.