واٽس ايپ ۾ دلچسپ ۽ ڪم جو فيچر متعارف

واٽس ايپ ۾ نئون فيچر متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.

اينڊرائڊ ڊوائيسز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورجن ۾ ٽيڪسٽ فارميٽنگ ٽولز جو فيچر متعارف ڪرايو ويو اهي.

رپورٽ موجب ٽيڪسٽ فارميٽنگ ٽولز سان واهپيدار پنهنجن ميسيجز کي وڌيڪ بهتر طريقي سان ڪسٽمائز ڪري سگھندا.

ان کان اڳ ميسيجز جي ٽيڪسٽ کي بولڊ، اٽالڪ ۽ اسٽرائيڪ ٿرو جهڙن ٽولز سان بهتر بڻائڻ ممڪن هو پر هاڻي ان ۾ وڌيڪ ٽولز جو اضافو ڪيو پيو وڃي.

انهن نون ٽولز ۾ ڪوڊ بلاڪس، لسٽس ۽ quote بلاڪس شامل آهن.

یہ فیچر ایسے کام کرے گا / فوٹو بشکریہ WaBetainfo

لسٽس سان واهپيدار پنهنجي ٽيڪسٽ جي پٺيان نمبرن يا بُلِٽ پوائنٽس جو واڌارو ڪري سگھندا.

اهڙيءَ طرح ڪوڊ بلاڪ واٽس ايپ ۾ ڪوڊ جي شيئرنگ ۽ پڙهڻ جو عمل سولو بڻائيندو.

quote بلاڪ سان ڪنهن پراڻي ميسيج جي مخصوص حصي تي رپلاءِ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھندي.

واهپيدارن کي نون ٽولز سان ٽيڪسٽ ميسيجز جو انداز بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.

اڃا اهو فيچر بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي تنهنڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته اهو ڪيستائين سمورن واهپيدارن کي دستياب هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.