هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ قتل

صوابي (ويب ڊيسڪ) صوابي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پي ٽي آءِ جو مقامي اڳواڻ شاهه خالد مارجي ويو.
پوليس موجب صوابي اڏي ۾ موٽر سائيڪل سوارن شاهه خالد جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو مارجي ويو.
پوليس ٻڌايو ته گاڏي تي فائرنگ ڪندڙ جوابدار فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.