جسٽس مظاهر کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس اعجاز الاحسن به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس اعجاز الاحسن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
جسٽس اعجاز الاحسن سپريم ڪورٽ جي سينارٽي ۾ ٽيون سينيئر ترين جج هو، موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ کانپوءِ هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ کيس ملڪ جو ايندڙ چيف جسٽس بڻجڻو هو.
جسٽس اعجاز الاحسن ٻه ڏينهن اڳ اڳوڻي جسٽس مظاهر نقوي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي سان اختلاف ڪيو هو.
جسٽس اعجاز الاحسن اڄ سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت به نه ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.