بِٽ ڪوائن جي قيمت اوچتو وڌي وئي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي جي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن پاران ٽوئيٽر اڪائونٽ تي جعلي پوسٽ ڪرڻ تي ڊجيٽل ڪرنسي بٽ ڪوائن جي قيمت ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو.
رپورٽ موجب سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جي ايڪس اڪائونٽ تي اها پوسٽ ڪرڻ کان پوءِ بٽ ڪوائن جي قيمت 22 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي پر پوسٽ ڊليٽ ٿيڻ ۽ ڪميشن پاران وضاحت ڪرڻ تي بٽ ڪوائن جي قيمت ٻيهر گھٽجي وئي.
رپورٽ موجب سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ڪيل ان پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته ”سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن نئين ڪرپٽوڪرنسي پراڊڪٽ متعارف ڪرائڻ جي منظور ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو نالو اي ٽي ايف آهي“. ان پوسٽ کان پوءِ بٽ ڪوائن جي قيمت اوچتو وڌي 48 هزار ڊالرز تائين پهچي وئي هئي.
ڪميشن جي آفيشل اڪائونٽ تي اها پوسٽ ٿيڻ جي ڪجهه منٽن کان پوءِ ڪميشن جي چيئرمين گيري گينزلر پنهنجي ذاتي ايڪس اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ۾ ان حوالي سان وضاحت ڪندي ٻڌايو ته ڪميشن پاران ڪنهن به نئين ڪرپٽو ڪرنسي پراڊڪٽ جي منظوري نه ڏني وئي آهي.
ڪميشن جي ترجمان پاران به بعد ۾ ٻڌايو ويو ته آفيشل اڪائونٽ تي اها پوسٽ ڪميشن يا ان جي اسٽاف پاران نه ڪئي وئي هئي. پر ڪميشن پاران اها وضاحت ناهي ڪئي وئي ته آفيشل اڪائونٽ تان اها پوسٽ ڪيئن ٿي ۽ ڪنهن ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.