نادرا جي تيار ڪيل چونڊ فهرستن ۾ سنگين خامين جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نادرا طرفان تيل ڪيل چونڊ فهرستن ۾ سنگين خامين جو انڪشاف ٿيو آهي، 4 ضلعن ۾ عورتن جا نالا مردن۽ مردن جا نالا عورتن جي چونڊ فهرستن ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
نادرا طرفان ڪيترن ئي شهرن ۾ عورتن ۽ مرد ووٽرن جي تصويري اليڪٽورل رول ۾ غلطين جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن ۾ نادرا 4 ضلعن ۾ عورتن جا نالا مردن ۾ ۽ مردن جا نالا عورتن جي چونڊ فهرستن ۾ شامل ڪري ڇڏيا آهن.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري خط موجب اتر وزيرستان، اورڪزئي، ٽنڊي الهيار ۽ ڪوئيٽا ۾ اليڪٽورل رول عورتن ووٽرز کي مردن، جڏهن ته مرد ووٽرن کي عورت ووٽرز جي اليڪٽورل رول ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا ۽ اورڪزئي ۾ مرد ووٽرن کي عورتن جي چونڊ فهرستن ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
چونڊ فهرستن ۾ غلط داخلا سبب ووٽرن کي چونڊ عمل ۾ مسئلا پيش اچڻ جي خدشن کي ڏسندي اليڪشن ڪميشن طرفان نادرا کي چونڊ فهرستن کي درست ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
چونڊ فهرستن ۾ درستگي نه ٿيڻ جي صورت ۾ مرد ووٽرن کي عورت ووٽرن سان گڏ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.