اداڪارا يشما گِل بولڊ لباس سبب تنقيد جي وڪڙ ۾ اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا يشما گِل پاران شيئر ڪيل وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ کيس ننڍو لباس پهرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
يشما گِل انسٽاگرام تي سياري ۾ ننڍو ۽ بولڊ لباس پهري باهه تي هٿ سيڪڻ جي وڊيو شيئر ڪئي جيڪا وائرل ٿي وئي.
اداڪارا جي وڊيو کي ٻين سوشل ميڊيا پيجز پاران به شيئر ڪيو ويو، جتي ماڻهن اداڪارا تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن اداڪارا کي مسلمان هجڻ جا طعنا هنيا ته ڪجهه ماڻهن لکيو ته اداڪارا کي اڄ ڪالهه ڊرامن ۾ ڪو ڪم نه ملي رهيو آهي ان ڪري اهڙيون وڊيوز شيئر ڪندي رهندي آهي.

ڪجهه واهپيدارن اداڪارا جي پوسٽ تي ڪمينٽس ڪيا ته جيڪڏهن هوءَ مڪمل لباس پهري ها ته کيس ايتري ٿڌ نه لڳي ها جڏهن ته ٻين واهپيدارن سندس لباس کي غيرمناسب قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.