اسان ته ميدان ۾ لهي چڪا آهيون، ن ليگ جو اميدوار ڪير آهي؟ بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي اسان ته ميدان ۾ لهي چڪا آهيون، ن ليگ جو اميدوار ڪير آهي؟
لاهور ۾ ورڪرز ڪنويشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ لاهور ۾ به چونڊن لاءِ تيار آهي، گڏجي رات ڏينهن محنت ڪنداسين، عوام جو آواز بڻجنداسين.
هن چيو ته 8 فيبروري تي ملڪ ۾ عام چونڊون ٿي رهيون آهن، اسان ته ميدان ۾ لهي چڪا آهيون، ن ليگ جو اميدوار ڪير آهي؟
سندس چوڻ هو ته ٻڌو هو اين اي 127 ۾ ن ليگ جو راڄ آهي پر اهي هتي نظر نه پيا اچن، اين اي 127 تي پي ٽي آءِ به نظر نه پئي اچي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اختلاف وساري هڪ مهينو سخت جدوجهد ڪرڻي آهي، اسان پوئتي هٽڻ، گهٻرائڻ، جهڪڻ ۽ ڊڄڻ وارا ناهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.