چهري جي خوبصورتيءَ ۾ ٽماٽي جو ڪردار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پڪوانن ۽ سلاد ۾ استعمال ٿيندڙ ٽماٽا چهري لاءِ به فائديمند آهن، اهي موهيڙن جو بهترين علاج آهن.
ٽماٽي ۾ موجود اينٽي بيڪٽيريل ۽ اينٽي فنگل خاصيتون ان کي هڪ بهترين آپشن بڻائين ٿيون، ٽماٽو منهن جي کَلَ تي پنهنجا جادوئي اثر ڇڏي ٿو.
هفتي ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو ٽماٽي کي پنهنجي اسڪن ڪيئر جي معمول ۾ شامل ڪرڻ سان موهيڙن کي نه رڳو ختم ڪري ٿو پر جلد کي تازگي به بخشي ٿو.
چهري تي موجود موهيڙن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ تازي ڳاڙهي ٽماٽي جي پيسٽ کي منهن تي هڪ ڪلاڪ لاءِ لڳايو ۽ پوءِ پاڻي سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو.
ٽماٽي کي ڏهيءَ سان گڏائي ماسڪ جي صورت ۾ به منهن تي لڳائي سگھجي ٿو، ان لاءِ اڌ ٽماٽي کي وڍي ان جي پيسٽ ٻه چمچا ڏهي گڏائي 20 منٽن تائين لڳائي ڇڏيو، ان کان پوءِ منهن ڌوئي ڇڏيو، جنهن جا بهتر نتيجا نڪرندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.