ڪچو کير خوبصورت چهري جي ضمانت آهي

عورتن لاءِ خوبصورت نظر اچڻ سندن فطري حق هوندو آهي ۽ مصروف روٽين سبب کين کَلَ جي قدرتي طريقن سان سار سنڀال بدران اهو سولو لڳندو آهي ته ڪيميڪل سان ڀرپور شين کي فورن کَلَ تي استعمال ڪيو وڃي.
پر ٿوري محنت جٽادار اثر ڏيکاري سگھي ٿي. ان ڪري ڪيميڪل وارين شين بدران گھر ۾ موجود قدرتي جُزن مان فائدو حاصل ڪرڻ کي ترجيح ڏني وڃي. ان حوالي سان هر گھر ۾ موجود کير بهترين مدد ڪري سگھي ٿو.
ڪچي کير ۾ اهڙا جُز هوندا آهن جيڪي کَلَ جي قدرتي رنگ جي سونهن ۾ اضافو ڪندا آهن ۽ ڪيترن ئي مسئلن کان به ڇوٽڪارو ڏياريندا آهن.
ڪچي کير جا ڪجهه فائدا هي آهن.
ڪچي کير ۾ ليڪٽڪ ايسڊ هوندو آهي جيڪو کَلَ کي ايڪسفوليئيٽ ڪندي منهن جي سوراخن ۾ ڦاٿل مير، سڻڀ ۽ گند ختم ڪندو آهي.
اهو هڪ بهترين ڪلينزر ۽ موئسچرائزر آهي جيڪو کَلَ جي گھم برقرار رکندو آهي. اهو خشڪ ۽ حساس کَلَ وارين عورتن لاءِ وڌيڪ فائديمند آهي.
ڪچي کير ۾ موجود وٽامنز ۽ اينٽي آڪسيڊينٽس وڌندڙ عمر جا اثر گھٽائڻ ۾ مددگار آهي.
اُس ۾ سڙيل کَلَ کي نکارڻ ۾ به اهو مددگار آهي.
ڪچي کير کي ڪپهه جي مدد سان صاف سٿري کَلَ تي جذب ڪريو ۽ پوءِ اثر ڏسو. رات جو ان جو استعمال بهترين رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.