اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ واهپيدارن لاءِ وڏي خوشخبري اچي وئي، هاڻ اهي رقم سڌي ريت ڪڍرائي سگهندا.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام فرنچائز سسٽم ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو، جنهن کانپوءِ اهو سسٽم ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب فرنچائز سسٽم جي خاتمي جو فيصلو ڪرپشن جي شڪايتن تي ڪيو ويو آهي، وظيفا ورهائڻ لاءِ 6 بئنڪن سان معاهدا طئي ٿي ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هاڻ وظيفن جي ورهاست ايزي پئسا، جاز ڪيش سان ٿيندي ۽ بي آءِ ايس پي ڪارڊ هولڊر جو وظيفو بئنڪ اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ٿيندو.
ذريعن موجب سڀني پروگرامن جي واهپيدارن کي ادائيگيون سڌي ريت ٿينديون، واهپيدار ايزي پئسا، جاز ڪيش سان رقم ڪڍرائي سگهندا، رقم جي سڌي ريت منتقلي سان ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو.
You might also like