انگلينڊ جي ٽيم سان گڏ جيمز اينڊرسن به پاڪستان ايندو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن پاڪستان جي دوري ۾ ٽيم سان گڏ هوندو.
جيمز اينڊرسن انگلينڊ ٽيم سان گڏ فاسٽ بالر مينٽور طور ڪم جاري رکندو، هن هلندڙ سال جولاءِ ۾ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.
انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ آڪٽوبر ۾ پاڪستان ايندي.
جيمز اينڊرسن چيو ته هن وقت مون کي ٽيم سان گڏ پاڪستان وڃڻو آهي، نيوزيلينڊ دوري ۾ به ٽيم سان گڏ هوندس، ان کانپوءِ يقين سان ڪجهه نٿو چئي سگهان.
هن چيو ته مان اڃا هن شعبي ۾ نئون آهيان ۽ سکي رهيو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.