لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز هونهار اسڪالر شپ اسڪيم جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن تحت هزارين شاگردن کي اسڪالرشپس ڏنيون وينديون.
پنجاب حڪومت شاگردن کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻندي نوههار اسڪالر شپ اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت شاگردن کي اربين رپين جون اسڪالرشپس ڏنيون وينديون، پنجاب جي باصلاحيت ۽ حقدار شاگردن کي هر سال 7 ارب رپين جون اسڪالرشپس ڏنيون وينديون.
ان سلسلي ۾ پنجاب هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ پرائيويٽ يونيورسٽين وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيون آهن.
اها اسڪيم 7 سالن تي ٻڌل هوندي، جنهن جي ڪُل بجيٽ 131 ارب رپيا هوندي، هر سال بجيٽ ۾ 10 سيڪڙو واڌ ٿيندي، پنجاب ۾ 30 هزار شاگرد اسڪيم مان فائدو کڻندا.
Prev Post
You might also like