لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي واضح ڪيو آهي ته ڪپتانن بابت معاملا ڪوچن ۽ سليڪٽرن تي ڇڏيا آهن.
قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ اڏاوتي ڪم جي معائني کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ٽيم سٺو نه کيڏي، سليڪشن جي غلطي هجي يا ڪوچ جي، هارائڻ کانپوءِ سڀ ڪجهه مون تي ايندو آهي.
هن واضح ڪيو ته انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز پاڪستان ۾ ئي ٿيندي، ڪا ٽيسٽ ٻاهر نه ٿيندي، ان لاءِ ملتان ۽ راولپنڊي جا وينيوز فائنل آهن، انگلينڊ بورڊ سان رابطي ۾ آهيون، ڪو ايشو ناهي.
سندس چوڻ هو ته ڪهڙي فارميٽ جي ڪپتاني ڪنهن کي ڏيڻي آهي، اهو فيصلو ڪوچن ۽ سليڪٽرن کي ڪرڻو آهي.
You might also like