ورزش سان عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو فائدو!

ورزش کي سٺي صحت لاءِ تمام اهم قرار ڏنو ويندو آهي ۽ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن کي ان جو وڌيڪ فائدو ٿيندو آهي.
اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
انسٽيٽيوٽ فار ريسرچ آن هيلٿي ايجنگ جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته 50 سيڪڙو گهٽ ورزش ڪرڻ سان به عورتن جي صحت کي مردن جيترو فائدو ٿيندو آهي.
ان تحقيق ۾ 27 کان 61 ورهين جي عمر جي 4 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪيو ويو ۽ 1997 کان 2019 تائين مختلف سرويز ذريعي انهن جي صحت بابت ڊيٽا گڏ ڪئي وئي.
ان عرصي ۾ لڳ ڀڳ 40 هزار ماڻهن جو لاڏاڻو ٿيو، جن مان 11 هزار کان وڌيڪ دل جي مرضن سبب فوت ٿيا.
تحقيق دوران دريافت ڪيو ويو ته هر هفتي گهٽ ۾ گهٽ 150 منٽن تائين ورزش ڪندڙ عورتن ۾ ڪنهن به سبب جي ڪري موت جو خطرو 24 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ هر هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 150 منٽن تائين ورزش ڪندڙ مردن ۾ ڪنهن به سبب جي ڪري موت جو خطرو 15 سيڪڙو تائين گهٽ هوندو آهي.
مجموعي طور تي مردن کي موت جو خطرو عورتن جيترو گهٽ ڪرڻ لاءِ هر هفتي گهٽ ۾ گهٽ 300 منٽ ورزش ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.
محققن موجب اها مشاهداتي تحقيق نه هئي ۽ نتيجن کي حتمي قرار نٿو ڏئي سگهجي.
تحقيق ۾ اهو به واضح نه ڪيو ويو ته عورتن کي گهٽ ورزش باوجود وڌيڪ فائدو ڇو ٿيندو آهي.
پر ماهرن جو چوڻ آهي ته نتيجن سان ثابت ٿئي ٿو ته جسماني سرگرميون سٺي صحت لاءِ اهم هونديون آهن.
ماهرن چيو ته ورزش ڪرڻ لاءِ پئسي جي ضرورت به ناهي هوندي، بس وقت ڪڍڻ جي ضرورت هوندي آهي.
محققن موجب هر قسم جي ورزش سان صحت کي فائدو ٿيندو آهي ۽ گهٽ وقت تائين ورزش ڪرڻ سان به پاڻ کي صحتمند رکي سگهجي ٿو.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل آف دي آمريڪن ڪاليج آف ڪارڊيالاجي ۾ ڇپيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.