پاسپورٽ ٺهرائيندڙن لاءِ وڏي سهولت

¬ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اميگريشن اينڊ پاسپورٽس کاتي نوان پاسپورٽ جاري ڪرڻ يا نواڻ جي سلسلي ۾ شڪايتن ۽ آگاهي لاءِ فون نمبر ۽ واٽس ايپ نمبر جاري ڪري ڇڏيو.
ڊائريڪٽر جنرل اميگريشن اينڊ پاسپورٽس مصطفيٰ جمال قاضي موجب پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو عمل معمول موجب هلندڙ آهي پر جيڪڏهن عوام کي ڪي ڏکيائيون آهن ته اهي فون نمبر 0519107072 ۽ 0519107072 تي ڪال ڪري پنهنجي شڪايت داخل ڪرائي سگهن ٿا يا ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا.
هن چيو ته ان کانسواءِ پاسپورٽ جي وصولي يا پرنٽنگ ۾ دير جي حوالي سان شهري واٽس ايپ نمبر 03368566685 تي پنهنجي پاسپورٽ جي ٽوڪن جي رسيد جي تصوير موڪلين ته جيئن انهن جي شڪايت جو ازالو ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.