سيئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا جي سائنسدانن اهم اڳڀرائي حاصل ڪري ورتي آهي جنهن ۾ هنن انساني زبان جهڙي اليڪٽرانڪ زبان تيار ڪري ورتي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ڊانگو گيونگ بڪ انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي سائنسدانن جي هڪ ٽيم اها اليڪٽرانڪ زبان تيار ڪئي آهي.
ٽيم جو چوڻ آهي ته اها زبان کاڌي، شربتن، ۽ دواسازيءَ جهڙن مختلف شعبن ۾ امڪانن جي هڪ نئين جديد سلسلي جي نشاني ثابت ٿي سگھي ٿي جيڪا انساني ذائقي جي احساس جو نقل ڪري سگھي ٿي.
اليڪٽرانڪ زبان بنيادي طور تي ذائقو محسوس ڪندڙ هڪ هٿرادو سينسر آهي جنهن کي مختلف ذائقن جي سڃاڻپ ۽ ان جي خاصيتن جو درست ادازو لڳائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
اها ذائقو محسوس ڪندڙ انساني زبان جيان ئي ڪم ڪري ٿي. اهو سينسر ڪيميائي ڄاڻ کي برقي سگنلز ۾ تبديل ڪري ٿو ۽ حاصل ٿيندڙ ڄاڻ تي هڪ تنتي نيٽورڪ ذريعي ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، جنهن سان سسٽم مختلف ذائقن جي نشاندهي ڪري سگھي ٿو.