اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ٽربيونل کدڙي فقير ناياب علي جي چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيڻ خلاف اپيل خارج ڪري ڇڏي.
ملتان جي ووٽر کدڙي فقير نديم الظفر، ناياب علي جي نامزدگي ڪاغذن کي چئلينج ڪيو هو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن اپيلٽ ٽربيونل جي جسٽس ارباب محمد طاهر اپيل تي ٻڌڻي ڪئي ۽ ناياب علي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيڻ خلاف اپيل خارج ڪري ڇڏي.
اليڪشن ٽربيونل جي جسٽس ارباب طاهر آر او جي فيصلي خلاف اپيل رد ڪئي ۽ کدڙي فقير جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ بابت رٽرننگ آفيسر جو فيصلو برقرار رکيو.
Next Post
You might also like