سني ديول ۽ سلمان خان جو ستاويهه ورهين بعد گڏ ڪم ڪرڻ جو فيصلو، فلم جا تفصيل جاري

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان ۽ ايڪشن هيرو سني ديول ستاويهه ورهين کانپوءِ نئين فلم ” سفر “ ۾ گڏ نظر ايندا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سني ديول پنهنجي نئين فلم سفر جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، جنهن سلمان خان مختصر ڪردار ۾ نظر ايندو.
ٻئي اداڪار آخري ڀيرو ستاويهه ورهيه اڳ فلم جيت ۾ ستاويهه نظر آيا هئا ۽ هاڻ مداح ٻنهي اسٽارز کي گڏ ڏسڻ لاءِ پرجوش آهن.
ميڊيارپورٽن موجب، سلمان خان هلندڙ هفتي ممبئي جي محبوب اسٽوڊيو ۾ فلم جي شوٽنگ شروع ڪندو.
ميڊيا رپورٽن موجب، فلم جي هلندڙ سال رليز ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن سني ديول ايندڙ پروجيڪٽ لاهور 1947 ۾ نظر ايندو جنهن کي عامر خان پرڊيوس ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.