2017 جي ڌرڻي بابت آفيسرن خلاف ڪارروائي لاءِ سروسز چيفس کي خط

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزارت جي سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ محمود الزمان خان ٽنهي سروسز چيفس کي خط لکيا آهن.
بچاءَ واري سيڪريٽري آرمي چيف، ايئر چيف ۽ نيول چيف کي خط لکيا، اهي خط سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ روشني ۾ لکيا ويا آهن.
ذريعن موجب خطن ۾ ٽنهي سروسز چيفس کي 2017 جي ڌرڻي ۾ لاڳاپيل آفيسرن جي ڪردار جو جائزو وٺي ڪارروائي ڪرڻ جو چيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بچاءَ واري سيڪريٽري پنهنجو لکت بيان ڪميشن کي موڪلي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.