دنيا جي پهرين فولڊ ٿيندڙ ٽي وي پيش

فولڊ ايبل فونز ته هاڻي عام ٿيندا پيا وڃن پر ڇا اوهان اهڙي ٽي وي وٺڻ پسند ڪندئو؟
جيڪڏهن ها ته دنيا جي پهرين فولڊ ايبل ٽي وي متعارف ڪرائي وئي آهي.
سي سيڊ اين 1 فولڊنگ ٽي وي دنگ ڪري ڇڏيندڙ ٽيڪنالاجي سان ليس آهي.
سي سيڊ نالي ڪمپني اهڙي ٽي وي تيار ڪندي آهي جيڪا امير ترين ماڻهو ئي خريد ڪري سگھندا آهن ۽ ان جي نئين فولڊ ايبل ٽي وي لاس ويگاس ۾ ڪنزيومر اليڪٽرانڪس شو (سي اي ايس) دوران پيش ڪيو ويو.
ان ٽي وي جي خاص ڳالهه اها آهي ته جڏهن اِها بند ٿيندي آهي ته اوهان ان کي چوڪنڊي دٻي جهڙي شڪل ۾ فولڊ ڪري رکي سگھو ٿا.
بس هڪ بٽڻ دٻائڻ سان اسڪرين مختلف حصن ۾ فولڊ ٿي چوڪنڊي شڪل جي دٻي ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.
اهو سمورو عمل اڍائي منٽن ۾ مڪمل ٿي ويندو آهي جنهن کان پوءِ اُها ٽي وي بدران هڪ ٺوس ڌاتو بئنچ جي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿي.
ڪمپني موجب جڏهن اين 1 ان فولڊ (unfold) ڪيو ويندو آهي ته اسڪرين کي 180 ڊگري تي ڦيرائي سگھجي ٿو.
ان ٽي وي لاءِ مائڪرو ايل اِي ڊي ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي آهي جڏهن ته فور ڪي ريزولوشن، ايڇ ڊي آر ۽ ٻيا فيچرز به ان جو حصو آهن.
ان ٽي وي کي خريد ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي ڇو جو ان جي 137 انچن جي اسڪرين واري ماڊل جي قيمت 2 لک ڊالرز رکي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.