”ڀارتي ڪرڪيٽر شرابي آهن“ اڳوڻي فاسٽ بالر جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر پروين ڪمار انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارتي ٽيم جي ڊريسنگ روم جو هر رانديگر شراب پيئندو آهي.
اڳوڻي فاسٽ بالر هڪ انٽرويو دوران ڀارتي ٽيم جي حوالي سان ڪيئي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن، هن چيو ته ڀارتي ٽيم جا گهڻي قدر رانديگر شراب نوشي ۾ ملوث آهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ پروين ڪمار چيو ته جڏهن هو ڀارتي ٽيم ۾ هو، سينيئرز چوندا هئا ” ڊرنڪ ناهي ڪرڻي، هي نه ڪجان، هو نه ڪجان، سڀ پئيندا آهن پر انهن اِهو چئي مون کي بدنام ڪيو ته رڳو مان شراب پئيندو آهيان.
پروين ڪمار انڪشاف تي صحافي سوال ڪيو ته سچن ٽنڊولڪر، سارو گنگولي ۽ راهول ڊريوڊ جهڙا سينيئر رانديگر اهڙي قسم جا مشورا ڏيندا هئا؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته مان ڪئمرا تي ڪنهن جو نالو نه ٿو کڻڻ چاهيان پر سڀ ڄاڻن ٿا ته منهنجي ساک ڪنهن خراب ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته منهنجي باري ۾ اِهو تاثر پيدا ڪيو ويو ته سدائين وڙهندو رهندو آهيان، سدائين پيئندو آهيان اِها س هڪ غلط فهمي هئي، جيڪي مونکي ذاتي طور ڄاڻن ٿا کين خبر آهي ته مان ڪيئن آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.