بهترين پاڪستاني ٽِڪ ٽاڪرز جو اعزاز ماڻيندڙن جي فهرست جاري

ٽِڪ ٽاڪ دنيا جي مشهور ترين سوشل ميڊيا نيٽ ورڪس منجهان هڪ آهي ۽ پاڪستاني واهپيدار ان ۾ گهڻي تيزي سان پنهنجي جاءِ ٺاهي رهيا آهن.
اِهو ئي سبب آهي جو ٽِڪ ٽاڪ طرفان پاڪستاني واهپيدارن لاءِ لاهور ايئر آن ٽِڪ ٽاڪ 2023ع جي نالي سان تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب ۾ ٽِڪ ٽاڪ ٻئي ڪريٽير ايوارڊز ذريعي پاڪستاني ڪريٽيرز ڪميونٽي، ٽاپ وڊيوز، سال جي سرفهرست ٽرينڊز ۽ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ تخليقڪارن کي ايوارڊز سان نوازيو.
ايونٽ دوران ٽِڪ ٽاڪ طرفان انٽرٽينمينٽ، لائيف اسٽائل ۽ اسپورٽس سميت 10 ڪيٽيگريز ۾ واهپيدارن کي ايوارڊز ڏنا ويا، جڏهن ته ٽاپ ڪريٽيرز آف دي ايئر و ايوارڊ به ڏنوويو .
تقريب ۾ مشهور راڳي عاصم اظهر فن جو مظاهرو ڪيو.
واضح رهي ته عاصم اظهر جا گيت پاڪستان ۾ ٽِڪ ٽاڪ تي مقبوليت جا رڪارڊ قائم ڪيا هئا.
ڪمپني موجب، ٽِڪ ٽاڪ استعمال ڪرڻ وارن کي دعوت آهي ته هو به 2023ع دوران جيڪو ڪجهه ڪيو اِهو سوشل ميڊيا ايپ تي ڏيکارين، ڇو ته هي سال حقيقت ۾ #ForYou آهي .
ايوارڊ کٽيندڙ تخليقڪار
ٽاپ ايمرجنگ تخليقڪار قاضي اڪبر، ٽاپ ٽيڪنالوجي تخليقڪار بلال منير، ٽاپ هيلٿ اينڊ فٽنس جو ايوارڊ بلال ڪاموڪا جي نالي رهيو
ان کانسواءِ ٽاپ انٽرٽينز روميسا خان، ٽاپ فوڊ تخليقڪار شيف عديل چوڌري، ٽاپ فيشن تخليقڪار اريڪا حق، ٽاپ ٽريول جو انعام ابرار احسن کي مليو.
ٽِڪ ٽاڪ انعام ماڻيندڙن ۾ چوڌري وليد رئوف کي اسپورٽس ۾ بهترين تخليقڪار، حمزا زوهيب کي پيپلز چوائس جڏهن مالڪ ابوبڪر کي سال 2023ع جي ٽاپ تخليقڪار جي ايوارڊ سان نوازو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.