ڀارت: بلقيس بانو زيادتي ڪيس جي 11 جوابدارن جي معافي رد

ڀارتي سپريم ڪورٽ بلقيس بانو زيادتي ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ماڻيل 11 جوابدارن جي معافي رد ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته گُجرات حڪومت جو بلقيس بانو ڪيس ۾ جوابدارن جي معافي جو فيصلو طاقت ۽ اختيار جي غلط استعمال جو هڪ مثال آهي.
بلقيس بانو ڪيس جي جوابدارن جي آزاديءَ کي چئلينج ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي سپريم ڪورٽ جو چوڻ هو ته گُجرات حڪومت جوابدارن جي معافي پاس ڪرڻ جي اهل نه هئي، ڏوهارين جي آزادي جو فيصلو عدالت ۾ ”دوکو ڪري“ ۽ مادي حقيقتن کي دٻائي حاصل ڪيو ويو.
فيصلي ۾ چيو ويو ته 11 جوابدارن کي گُجرات ڏڦيڙن ۾ بلقيس سان زيادتي، سندس خاندان جي ستن فردن جي قتل ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.
واضح رهي ته ڀارتي سپريم ڪورٽ بلقيس بانو ڪيس جو فيصلو گذريل سال 12 آڪٽوبر تي محفوظ ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.