پ پ چيئرمين سان آمريڪي سفير جي ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ شفاف چونڊن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي.
آمريڪي سفارتخاني جي قائم مقام ترجمان ٿامس منٽگمري ٻڌايو ته پاڪستاني سياسي اسٽيڪ هولڊرز جي هڪ وڏي رينج سان گڏ پنهنجي مصروفيتن دوران آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم اڄ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي.
سندس موجب ملاقات ۾ موجوده سياسي معاملن، آزاد، شفاف چونڊن جي اهميت تي خيالن ڏي جي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته آمريڪا، پاڪستان واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جي مضبوطي تي به ڳالهيون ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.