ڀارت ۾ هڪ ماڻهو پنهنجي تدفين جي 6 0ڏيهن کان پوءِ زندهه گھر موٽي آيو جنهن کي ڏسي سندس گھرڀاتين به حيران ٿي ويا.
رپورٽ موجب اهو واقعو ڀارتي رياست ڪيرالا جي ضلعي پٿناما مٿيٽا ۾ پيش آيو جتي 70 ورهين جي رمن بابو کي 31 ڊسمبر جي ڏينهن لاڏاڻو ڪري وڃڻ بعد دفن ڪيو ويو پر 6 ڏينهن کان پوءِ رمن بابو ويجهي جهنگ ۾ زخمي حالت ۾ زندهه ملي ويو. هاڻي پوليس کي ان شخص جي سڃاڻپ ڪري رهي آهي جنهن کي 6 ڏينهن اڳ رمن بابو سمجهي دفن ڪيو ويو هو. ٻڌايو ويو آهي ته جنهن ماڻهو کي دفن ڪيو ويو هو ان کي ٻيلي ۾ هاٿيءَ حملو ڪري ماري ڇڏيو هو. سندس سڃاڻپ رمن بابو جي نالي سان ٿي. سندس ٻارن ۽ خاندان جي ٻين ماڻهن به اُن جي سڃاڻپ ڪئي کان پوءِ ان جي تدفين ڪئي وئي. پر 6 ڏينهن کان پوءِ اصلي رمن بابو ٻيلي مان واپس اچي ويو. پوليس موجب اصلي رمن بابو جي به ٻارن ۽ خاندان تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ پوليس به هن کان جاچ ڪئي آهي. جنهن ۾ ثابت ٿيو آهي ته هو رمن بابو ئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته رمن بابو کي جهنگ ۾ آوارا گھمڻ جو شوق آهي ۽ ڪيترائي ڏينهن جهنگ ۾ ئي رهندو آهي. اهي سمورا ڏينهن به هن جهنگ ۾ ئي گذاريا. انهيءَ دوران سندس جسم جي هم شڪل جو لاش مليو هو، جنهن کي رمن بابو سمجهي دفن ڪيو ويو. پوليس موجب دفن ڪيل شخص جي سڃاڻپ لاءِ قبرڪشائي ڪئي ويندي.