تدفين جي 6 ڏينهن کانپوءِ مُئل همراهه گھر پهچي ويو

ڀارت ۾ هڪ ماڻهو پنهنجي تدفين جي 6 0ڏيهن کان پوءِ زندهه گھر موٽي آيو جنهن کي ڏسي سندس گھرڀاتين به حيران ٿي ويا.
رپورٽ موجب اهو واقعو ڀارتي رياست ڪيرالا جي ضلعي پٿناما مٿيٽا ۾ پيش آيو جتي 70 ورهين جي رمن بابو کي 31 ڊسمبر جي ڏينهن لاڏاڻو ڪري وڃڻ بعد دفن ڪيو ويو پر 6 ڏينهن کان پوءِ رمن بابو ويجهي جهنگ ۾ زخمي حالت ۾ زندهه ملي ويو. هاڻي پوليس کي ان شخص جي سڃاڻپ ڪري رهي آهي جنهن کي 6 ڏينهن اڳ رمن بابو سمجهي دفن ڪيو ويو هو. ٻڌايو ويو آهي ته جنهن ماڻهو کي دفن ڪيو ويو هو ان کي ٻيلي ۾ هاٿيءَ حملو ڪري ماري ڇڏيو هو. سندس سڃاڻپ رمن بابو جي نالي سان ٿي. سندس ٻارن ۽ خاندان جي ٻين ماڻهن به اُن جي سڃاڻپ ڪئي کان پوءِ ان جي تدفين ڪئي وئي. پر 6 ڏينهن کان پوءِ اصلي رمن بابو ٻيلي مان واپس اچي ويو. پوليس موجب اصلي رمن بابو جي به ٻارن ۽ خاندان تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ پوليس به هن کان جاچ ڪئي آهي. جنهن ۾ ثابت ٿيو آهي ته هو رمن بابو ئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته رمن بابو کي جهنگ ۾ آوارا گھمڻ جو شوق آهي ۽ ڪيترائي ڏينهن جهنگ ۾ ئي رهندو آهي. اهي سمورا ڏينهن به هن جهنگ ۾ ئي گذاريا. انهيءَ دوران سندس جسم جي هم شڪل جو لاش مليو هو، جنهن کي رمن بابو سمجهي دفن ڪيو ويو. پوليس موجب دفن ڪيل شخص جي سڃاڻپ لاءِ قبرڪشائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.