ڪنهن اثر تحت غلط فيصلو ڏيندڙ جج دوزخ ۾ ويندو: لطيف کوسا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي وڪيل لطيف کوسا چيو آهي ته ڪنهن اثر تحت غلط فيصلو ڏيندڙ جج دوزخ ۾ ويندو.
سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي لطيف کوسا چيو ته اڄ سپريم ڪورٽ کي چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ ڏني وڃي، اٽارني جنرل چيو ته شفاف چونڊون رياست لاءِ اهم آهن.
هن چيو ته عوام جي حق حڪمراني لاءِ شفاف چونڊون ضروري آهن، اليڪشن ڪميشن کي هدايتون جاري ڪيون ويون پر عمل نه ٿيو، پي ٽي آءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا ۽ ايف آءِ آر ۾ نالو نه هجڻ تي به ميمبرن کي ملوث ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته اسان سموريون شڪايتون عدالت سامهون رکنداسين، آئين تي عمل ڪرائڻ سپريم ڪورٽ جو ڪم آهي، سپريم ڪورٽ کي ثبوت ۽ سي ڊيز جمع ڪرايون آهن.
لطيف کوسا چيو ته منصب الله پاڪ کي جوابده آهي، ڪنهن اثر تحت غلط فيصلو ڏيندڙ جج دوزخ ۾ ويندو، رڳو صحيح فيصلو ڏيندڙ جج جنت ۾ ويندو.
ا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.