ميڪ اپ کان گهريلو ٽوٽڪا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميڪ اپ کان اڳ پنهنجي کل تي برف ڳڙا (آئيس ڪيوب) لڳائڻ سان تازگي ايندي آهي، هڪ آئيس ڪيوب کي نرم ڪپڙي ۾ ويڙهي چهري تي لڳائجي، ان سان چهري جي سوڄ گهٽجي ويندي.

سياري ۾ اکين تي هلڪو ميڪ اپ عورتن جي سونهن وڌائي ٿو، آءِ شيڊ سان مسڪارو لڳائڻ گهرجي.

سياري ۾ ڊارڪ لپ اسٽڪ استعمال ڪجي جيڪا اوهان جي چپن کي خشڪ نه ڪري.

موسچرائزنگ لپ اسٽڪ جي چونڊ ڪريو جيڪا اوهان جي چپن جي چمڪ برقرار رکي.

سياري ۾ هر تقريب ۾ موسچرائزر ۽ سن اسڪرين جو لازمي استعمال ڪجي جنهن سان چهرو هائيڊريٽ رهندو آهي.

ميڪ اپ مڪمل ڪرڻ بعد چهري تي هائيڊريٽنگ ميڪ اپ اسپري ڪجي، هي ميڪ اپ کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.