”سپريم ڪورٽ آر اوز کي نٿي چئي سگهي ته ڪنهن جا نامزدگي ڪاغذ رد نه ڪيو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ رٽرننگ آفيسرن کي اهو نٿي چئي سگهي ته ڪنهن جا نامزدگي ڪاغذ رد نه ڪيو.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ پي ٽي آءِ جي ليول پليئنگ فيلڊ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ رٽرننگ آفيسرن کي اهو نٿي چئي سگهي ته ڪنهن جا نامزدگي ڪاغذ رد نه ڪيو، ڇا پي ٽي آءِ اهو چاهي ٿي ته 100 سيڪڙو نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي وڃن؟
پي ٽي آءِ جي وڪيل لطيف کوسا چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪنهن فرنٽ لائن اميدوار جا نامزدگي ڪاغذ منظور نه ٿيا، نامزدگي ڪاغذ کسيا ويا، رٽرننگ آفيسر ڊپٽي ڪمشنر طور پي ٽي آءِ خلاف ايم پي اوز جاري ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ کانسواءِ ڪنهن جماعت جي اڳواڻ تي ايم پي او نه لڳو، جلسي جي اجازت نه پئي ملي، ليول پليئنگ فيلڊ ڏني وڃي.
ان تي چيف جسٽس چيو ته کوسا صاحب! هتي سياسي تقرير نه ڪيو، پٽڻو نه پٽيو هي ڪو سياسي فورم ناهي، جيڪڏهن توهان کي پاڪستان جي ڪنهن اداري تي اعتبار ناهي ته اسان ڇا ڪيون؟
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ايم پي اوز سان ڪو واسطو ناهي، ڪنهن کان نامزدگي ڪاغذ کسيا پيا وڃن اهو اليڪشن ڪميشن کي ڏسڻو آهي.
ان دوران جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ جا 76 سيڪڙو اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيا آهن.
پوءِ عدالت پي ٽي آءِ کي اليڪشن ڪميشن ۽ پنجاب جي چيف سيڪريٽري جي رپورٽ تي سومر تائين لکت جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.