ڪراچي ۾ گئس جي کوٽ وڌي وئي، رڌ بچاءُ جي وقت گئس اڻلڀ

ڪراچي (م ڊ ) ٿڌ جي شدت وڌڻ سان هفتي جي آخري ڏينهن ۾ گئس جي فراهمي ۾ گهٽتائي ٿي آهي. واهپيدارن جو چوڻ آهي ته بلوچستان  ۾ واهپي ۾ واڌ سبب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گيس جي کوٽ وڌي وئي آهي ۽ ڪجهه علائقن ۾ رات 11 وڳي کان اڳ گئس غائب ٿي وڃي ٿي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ منجهند جو به گيس غائب ٿي وڃي ٿي. واهپيدارن جو چوڻ آهي ته شهر جي مختلف علائقن صدر، ڊفينس، شاهه فيصل، لانڍي، الله والا ٽائون، گلشن، منظور ڪالوني، قيوم آباد ۽ اسڪيم 33 جي مختلف علائقن ۾ گئس جي فراهمي متاثر آهي. ذريعن موجب هن سال فرٽيلائيزر فيڪٽرين کي گئس جي فراهمي بند نه ٿيڻ سبب سپلائي به متاثر ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.