پيپلزپارٽي قيادت ڄام مهتاب کي پرچائڻ ۾ ناڪام، آزاد طور چونڊ وڙهندس: ڏهر

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو جي صوبائي تڪ پي ايس 18 تي سينيٽر ڄام مهتاب ڏهر ۽ شهريار شر وچ ۾ ٽڪيٽ واري معاملي جي حل لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران جوڙيل ڪميٽي ڄام ھائوس بشيرآباد پھتي ڪاميٽي ۾  اڳوڻو وڏو وزير مراد علي شاهه، قائم علي ناصرشاهه، خورشيد شاهه، مڪيش ڪمارچاولا سميت پپپلز پارٽي جا اهم اڳواڻ بشيرآباد ڄام مهتاب ڏهر وٽ پهتا، جتي صحافين کي ڪوريج کان روڪيو ويو، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پيپلز پارٽي جي اهم اڳواڻن ڄام مهتاب ڏهر کي قيادت جو پيغام پھچايو ۽ زور ڀريندي چيو ته اسين پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم تي شهريار شر جي حق ۾ هٿ کڻائڻ لاءِ اوھان وٽ پهتا آهيون توهان شهريارشر جي حق ۾ ھٿ کڻو ۽ ان سان گڏجي ورڪ ڪري شھريار شر کي ڪامياب ڪرايو، قيادت ٻنھي اڳواڻ کي ھڪ نظر سان ڏسي ٿي، اليڪشن ويجھو آھي سڀ اختلاف ختم ڪري ڇڏيو، هوڏانهن ڄام ھائوس جي ذريعن موجب ڄام مهتاب ڏهر پارٽي اڳواڻن کي جواب ڏيندي چيو ته مان اصل کان پي پي سان ساٿ نڀايو آھي، جيل ڪاٽيا آهن، تڪليفون سٺيون آھن جيڪڏھن قيادت ٽڪيٽ مون کي نه ٿي ڏئي  ته مان آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ شهريار شر جو مقابلو ڪندس ۽ پي ايس 18 جي عوام مون کي ايم پي اي ڏسڻ چاهي ٿو، ميڊيا کي بي خبر رکيو ويو ۽ بشير آباد ڄام ھائوس تي اچڻ نه ڏنو ويو، اڳواڻ ڄام مھتاب ڏھر سان ڳالھين بعد واپس رواني ٿي وئي.

ممتاز جکراڻي کي پرچائڻ لاءِ مراد علي شاهه وفد سميت جيڪب آباد پهتو

جيڪب آباد (عوامي آواز نيوز) جيڪب آباد ۾ ممتاز جکراڻي کي پرچائڻ لاءِ مراد علي شاهه وفد سميت پهچي ويو، وفد ۾سردار خان چانڊيو، فياض ٻٽ،  مڪيش ڪمار چاولا، سيد ناصر شاھه ۽ ٻيا موجود هئا، اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پي ايس 3 ڳڙهي خيرو تان هٿ کڻي پ پ اميدوار اورنگزيب پنھور جي حمايت ڪريو، اختلاف ختم ڪريو، ذريعن موجب ان موقعي تي ممتاز جکراڻي جو چوڻ هو ته 2 ڀيرا ايم پي رهيس، نظرانداز ڪري هارايل شخص کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي، مون پيپلزپارٽي جي هميشه خدمت ڪئي آهي.

اليڪشن ۾ پي ايس 39تي بهادر ڏاهري سان هر صورت ۾ مقابلو ڪندس: اسماعيل ڏاهري

قاضي احمد (عوامي آواز نيوز) بھادر ڏاهري ۽ آصف علي زرداري جي ويجهي ساٿي محمد اسماعيل ڏاهري ۾ اختلاف سامهون اچي ويا، پي  ايس 39 تي  اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري ۽ اڳوڻي ايم پي اي بھادر ڏاهري ۾ اختلاف وڌي ويا، محمد اسماعيل ڏاهري جو چوڻ آهي ته اليڪشن ۾ پي ايس 39تي بهادر ڏاهري سان هر صورت ۾ مقابلو ڪندس، ٽڪيٽ ملڻ منهنجو حق آهي، تڪ جي عوام جو اسرار آهي ته مون کي هن سيٽ تي ٽڪيٽ ڏني وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن ٽڪيٽ نه ملندي ته آزاد طور اليڪشن وڙهندس ۽ پارٽي جو جهنڊو کڻندس، بينظير ڀٽو، شهيد ڀٽو، بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري جا نعرا هوندا، مون فارم ڀرايو آهي، هن تڪ تان هٿ نه کڻندس.

سانگهڙ:پ پ اميدوار علي حسن هڱورجي جي ڌمڪي واري وڊيو وائرل

سانگهڙ(عوامي آواز نيوز)سانگهڙ جي پي ايس 41 تي پ پ جي نامزد اميدوار اليڪشن کان اڳ ڪارڪنن کي ڏنڊو ڏئي ڇڏيو،  علي حسن هڱورجو جي مبينا ڌمڪي واري وڊيو وائرل ٿي وئي،وڊيو ۾ پي ايس 41 جو اميدوار علي حسن هنڱورجو ورڪرن کي مبينا ڌمڪي ڏيندي چئي ٿو ته جيالا ۽ ورڪر سڌا ٿي هلو، پنهنجي اميدوارن جي ورڪ ڪيو، جيڪو پارٽي سان گڏ نه بيهندو ان کي ڏسي وٺنداسين،هن چيو ته 8 فيبروري کان پوءِ 9 فيبروري به ايندي ۽ اُنهن سان اهڙو حساب ٿيندو جو سڄو سانگهڙ ضلعو ڏسندو، پ پ اميدوار جي  ڌمڪي واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد جيالن ۽ شهرين طرفان سخت تنقيد ڪئي وئي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.