پي ٽي آءِ جي ورچوئل فنڊ ريزنگ پروگرام سبب انٽرنيٽ ۾ خلل

اسلام آباد ( م ڊ ) انٽرنيٽ، سائبر سيڪيورٽي ۽ ڊجيٽل گورننس تي نظر رکندڙ نيٽ بلاڪس جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ آچر تي انٽرنيٽ سروس بند ٿي وئي، جنهن ڪري سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تائين پهچ ڏکي ٿي وئي. سوشل ميڊيا تي ايڪس (اڳوڻو ٽوئيٽر)، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ يوٽيوب استعمال ڪندڙ بندش  سبب متاثر ٿيا. نيٽ بلاڪس موجب اهڙي وقت انٽرنيٽ متاثر ٿيڻ لڳي جڏهن جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پارٽي تحريڪ انصاف عام چونڊن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ٽيلي ٿهون ڪانفرنس ڪري رهي هئي. تحريڪ انصاف دعويٰ ڪئي آهي ته هي ٻيو ڀيرو آهي ته سندن ورچوئل پروگرام دوران انٽرنيٽ جي سروس ۾ خلل پيدا ٿيو آهي. تحريڪ انصاف نيٽ بلاڪ جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ نگران حڪومت سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪري ڇڏي آهي. تحريڪ انصاف جو چوڻ آهي ته اهڙين حرڪتن سان پاڪستان جو نقصان ٿي رهيو آهي. سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ شام 6 وڳي کانپوءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تائين پهچ ۾ ڏکيائي رپورٽ ڪئي ۽ انٽرنيٽ جي سست سروس جي شڪايت پڻ ڪئي. هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري چيو آهي ته انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو مقصد پارٽي کي فنڊ گڏ ڪرڻ کان روڪڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.