61 سالن تائين پيٽ ۾ رکڻ بعد ماءُ ٻار ڄڻيو، ڊاڪٽر به حيران +18

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي رهواسڻ هوآنگ بيجون 92 سالن جي عمر ٻار کي جنم ڏنو پر اهو ٻار ڏسي سڀني جا هوش اڏي ويا.

اصل ۾ 1948 ۾ هوآنگ جڏهن 31 سالن جي هئي تڏهن ڳورهاري ٿي وئي پر ان بعد هن 61 سالن تائين ٻار کي پيٽ ۾ ئي رکيو.

جڏهن کيس خبر پئي هئي ته هوءَ ڳورهاري آهي تڏهن ڏاڍي خوش هئي پر جڏهن کيس ڊاڪٽر اهو ٻڌايو ته سندس ايڪٽوپڪ پريگنينسي هوندي ته کيس ڳڻتي ورايو.

ايڪٽوپڪ اهڙي حالت آهي جنهن ۾ ٻچي داني ماءُجي رحم سان چنبڙي ناهي سگهندي.

ان حالت ۾ ماءُ ۽ ٻار ٻنهي لاءِ خطرا هوندا آهن ۽ 21 سيڪڙو امڪان هوندو آهي ته ڪو نقص ٿي پوندو.

مسئلو تڏهن ٿيو جڏهن هوانگ جي پيٽ ۾ ٻار جيئرو نه بچيو، هوآنگ جي پيٽ ۾ ٻار وڏو ٿي چڪو هو ۽ ان کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ آپريشن جي ضروري هئي.

افسوس جي ڳالهه اها هئي ته ڊليوري لاءِ ته عورت ۽ سندن گهرڀاتين وٽ پيسا هئا پر سرجري لاءِ وڌيڪ رقم گهربل هئي جيڪا وٽن ڪونه هئي.

ان دور ۾ عورت کان 12500 رپيا گهريا ويا هئا جيڪي وٽن نه هئا ۽ پوءِ هنن آپريشن نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.

ڊاڪٽرن موجب ٻار قدرتي طور تي ٻاهر ناهي نڪري سگهندو ته مئل بافتن وٽ ڪيلشيم گڏ ٿي ويندو آهي ان جي نتيجي ۾ ٻار پٿر بڻجي ويندو آهي پر اڪثر عورتون اڻڄاڻ به رهنديون آهن.

هوآنگ کي ان معاملي جي خبر هئي پر هوءَ آپريشن نه ڪرائي سگهي هئي پر نيٺ 2009 ۾ هن فيصلو ڪيو.

جڏهن هوءَ 92 سالن جي ٿي ته هن ان جنين کي هٽائڻ لاءِ آپريشن ڪرايو ۽ جڏهن ٻار ڪڍيو ويو ته ان جي شڪل ڏسي سڀ حيران ٿي ويا، ڇو ته اهو پٿر جي شڪل جو بڻجي چڪو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.