سجل، مهوش، يمنيٰ سڀ بيڪار آهن: صبا قمر جي ڇرڪائيندڙ دعويٰ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنهنجي ذات جي تعريف ڪندڙ اداڪارا صبا قمر هن ڀيري اهڙي ڳالهه ڪئي آهي جنهن مان لڳي ٿو ته هن ٻين پاڪستاني خوبصورت فنڪارائن کي بيڪار ۽ پاڻ کي سهڻو قرار ڏنو آهي.

اداڪارا خوبصورتي ۽ چهري جي چمڪ لاءِ مداحن کي ڏس ڏيندي رهندي آهي، پر سوشل ميڊيا تي وائرل هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هوءَ نائيٽ ڊريس ۾ ڪاڙهو ٺاهي رهي آهي.

ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته پنهنجي کل لاءِ مطمئن رهو، سندس ڀرسان ويٺل هڪ عورت کانئس فنڪارائن جا نالا وٺي ڪنهن هڪ جي تعريف ڪرڻ جو چيو جنهن تي هن چيو ته ڪنهن هڪ جي چونڊ نه ڪري سگهيس، پر جيڪڏهن مهوش حيات، سجل علي، يمنيٰ زيدي، اقرار عزيز سڀني کي ملائجي ته هڪ صبا قمر ٺهي سگهي ٿي.

اداڪارا جو اهو بيان سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي ويو ۽ ماڻهن تبصرن ۾ کيس گهٽ وڌ به ڳالهايو ته ڪجهه وري سندس خوبصورتي جي ساراهه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.