لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جنرل ضياءَ سبب پنجاب تي مڙهيل ماڻهن کي گهر ۾ گهڙي مارينداسين.
لاهور ۾ اليڪشن آفيس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاهور نه ڪنهن بزنس مين جو آهي ۽ نه ڪنهن رانديگر جو پر لاهور ذوالفقار علي ڀٽو جو آهي.
هن چيو ته جنرل ضياءَ سبب پنجاب تي مڙهيل ماڻهو اسان کان پڇن ٿا ته اسان هتي ڇو آيا آهيون؟ لاهور ۾ انهن جو مقابلو ڪنداسين، انهن کي گهر ۾ گهڙي مارينداسين.
سندس چوڻ هو ته اسان چونڊن لاءِ ڪنهن ٻئي پاسي ڏانهن نه پر عوام ڏانهن ڏسي رهيا آهيون، اسان مفت علاج جي سهولت ڏينداسين ۽ لاهور وارن کي لنڊن نه وڃڻو پوندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 8 فيبروري تي عوام تير تي ٺپو هڻي پراڻي سياست ۽ پراڻن سياستدانن کي خدا حافظ چوندو، پاڪستان جو عوام ووٽ ذريعي نوجوان قيادت چونڊيندو.
جنرل ضياءَ سبب پنجاب تي مڙهيل ماڻهن کي گهر ۾ گهڙي مارينداسين: بلاول ڀٽو زرداري
You might also like