آصف زرداري نصيرآباد جو دورو اوچتو رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ايندڙ هفتي نصيرآباد جو دورو رد ڪري ڇڏيو، سندس جاءِ تي بلاول ڀٽو زرداري دورو ڪندو.
ذريعن موجب آصف زرداري سڀاڻي بلوچستان ۾ ڊيرا بگٽي جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو، هو سرفراز بگٽي جي دعوت تي دورو ڪري رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري جو ايندڙ هفتي نصيرآباد جو دورو به شيڊيول هو پر اڻٽر سببن جي بنياد تي هن اهو دورو رد ڪري ڇڏيو آهي، دوري دوران آصف زرداري کي جلسو ۽ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪرڻو هو.
ذريعن موجب آصف زرداري جي جاءِ تي بلاول ڀٽو زرداري نصيرآباد جو دورو ڪندو، پ پ چيئرمين 14 جنوري تي نصيرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.